ڌانڌلين جا ثبوت ٿيلهن ۾ بند آهن ته ڪپتان 2013 کان ڇا گڏ ڪيو : پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سـُڌ سماءَ  واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته جيڪڏهن ڌانڌلين جا ثبوت ٿيلهن ۾ موجود آهن ته پوءِ تحريڪ انصاف 2013 کان ڇا گڏ ڪيو آهي، خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ سبب ماڻهو مرن پيا، وڏو وزير پرويز خٽڪ غائب آهي، عمران خان ٻڌائي ته اهو اسلام آباد ۾ ڇا پيو ڪري.؟ عمران خان جي جڊيشل ڪميشن ۾ پيشيءَ بعد رد عمل ظاهر ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته ڪپتان مسلسل ڪوڙ ڳالهائين پنهنجو اعتبار وڃائي چڪو آهي، خان صاحب ٻڌائي ته آخر ڪيسائين ڪوڙ ڳالهائيندو رهندو.؟ هن چيو ته جيڪڏهن ڌانڌلين جا ثبوت ٿيلهن ۾ موجود آهن ته پوءِ تحريڪ انصاف واران 2013 کان ڇا گڏ ڪيو آهي، ڪپتان ڪڏهن چوي ٿو ته ڌانڌلين جا ثبوت وٽس موجود آهن، ڪڏهن وري ٿيلها ڀريل هئڻ جي ڳالهه ڪري پيو، سندس ڳالهيون سمجهه کان ٻاهر آهن. پرويز رشيد چيو ته لاهور جي قومي تڪ اين اي هڪ سئو 22 تي ٿيلهيا کوليا ويا ته عمران خان کي آئينو نظر اچي ويو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ماڻهو مرن پيا، پرويز خٽڪ ڪٿي غائب آهي ۽ عمران خان اسلام آباد ۾ ڇا ڪري پيو.؟ پرويز رشيد چيو ته عمران خان هاڻي ڌانڌلين جي پـَچـَر ڇڏي خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثرن جي وڃي واهر ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *