ڌانڌليءَ ذريعي اسيمبلي ۾ ايندڙ ماڻهو ايماندار ڪيئن ٿا ٿي سگهن: عمران خان

ڪوٽلي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڌانڌلي مسلم ليگ ن جي رت ۾ شامل آهي سندن ڪپتان امپائرن کي پاڻ سان ملائي چونڊن ۾ حصو وٺندو آهي. ڪوٽلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڌانڌليءَ ذريعي اسيمبلي ۾ ايندڙ ماڻهو ايماندار ڪيئن ٿا ٿي سگهن. هن چيو ته چوريءَ جو پئسو ملڪ کان ٻاهر منتقل ٿيندو آهي، ڪرپشن جي خاتمي کانسواءِ ڪو به مستقبل ناهي. عمران خان چيو ته جيڪا رقم تعليم تي لڳڻ گهرجي اها ٻاهر موڪلي پئي وڃي. هن چيو ته مسلم ليگ ن ۽ پ پ 6، 6 ڀيرا اقتدار جا وارا حاصل ڪيا آهن. سندس چوڻ هو ته نيب ۾ اڃا به نواز شريف تي 2 ڪيس داخل ٿيل آهن. عمران خان چيو ته نواز شريف کي خوف آهي ته جيڪڏهن سندس حڪومت وئي ته هو جيل هليو ويندو. هن چيو ته پهريون ڪرپشن ذريعي ادارا تباهه ڪيا ويا هاڻي خانگايا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان اسٽيل ملز بند آهي پر جدي ۾ نواز شريف جي ملز وڏو ناڻو ڪمائي رهي آهي. عمران خان چيو ته عوام کي احتساب قانون ۾ ٿيل ترميمن تي خدشا آهي، ڪي پي ڪي ۾ سڀ کان گهٽ ڪرپشن آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *