ڊگهڙي جي نوجوان سنيل عرف سونو اسلام قبول ڪرڻ بعد مسلمان ناري ماريا سان شادي ڪري ورتي، ناري خلاف اغوا جو ڪيس داخل

ڊگهڙي (م.ڊ) ڊگهڙي شهر جي مالهي پاڙي سان واسطو رکندڙ نوجوان سنيل عرف سونو اسلام قبول ڪرڻ بعد مسلمان ناري ماريا سان شادي ڪري ورتي آهي. ساماري ۾ نوجوان جو نئون نالو علي رکيو ويو آهي. نوجوان جو چوڻ آهي ته هو رضا خوشي سان مسلمان ٿي ماريا سان شادي ڪئي آهي، ناري طلاق يافته ۽ هڪ ٻار جي ماءُ آهي. ٻئي پاسي نوجوان سونو جي والد مدن لال ڊگهڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي چيو آهي ته ناريا ماريا سندس پُٽ کي اغوا ڪيو آهي. پوليس طرفان رابطو ڪرڻ بعد جوڙي نڪاح نامو ۽ سندَون ڏيکاريون، جنهن بعد پوليس واپس موٽي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *