اسلام آباد(بيورو) صدر ممنون حسين ڊگهي عرصي تائين انسانيت جي خدمت ڪندڙ ادارا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته رنگ، نسل، مذهب ۽ ملت جي فرق کانسواءِ سماجي خدمت ئي اصل خدمت آهي، صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ لائنز ڪلب انٽرنيشنل جي عهديدارن سان ملاقات دوران چئي، ملاقات ۾ صدر چيو ته پاڪستان دنيا ۾ خلق خدمت ۽ مالي ايثار جي روايت جي حوالي سان سر فهرست آهي، هن چيو ته ضروتمندن جي مدد انسانيت جي معراج آهي ۽ سرندي وارن ماڻهن ۽ ادارن کي پوري سگهه سان عوامي ڀلائي جي منصوبن جي قيام ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. صدر پاڪستان ۾ لائنز ڪلب جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته لائنز ڪلب پاڪستان جي غير مراعت يافتا طبقن ۽ ضرورتمندن جي انهن جي بنيادي ضرورتن جي فراهمي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، نسل، مذهب ۽ قوم جي فرق کانسواءِ لائنز ڪلب جون سماجي خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن، هن چيو ته پاڪستان جي پوئتي پيل طبقن جي خدمت لاءِ ايوان صدر جو سهڪار لائنز ڪلب کي سدائين حاصل رهندو، ان موقعي تي صدر کي لائنز ڪلب طرفان هيڊ آف اسٽيٽ ميڊل به پيش ڪيو ويو.