ڊپ ۾ رهڻ کي سڀ کان وڏو ڊپ سمجهان ٿي: انوشڪا شرما

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما چيو آهي ته هوءَ ڊپ ۾ رهڻ کي سڀ کان وڏو ڊپ سمجهي ٿي، کيس اميد آهي ته سونم ڪپور جي فلم نيرجا سينيمائن ۾ بنا ڊپ جي هلندي. ٽوئٽر تي ونڊيل وڊيو ۾ انوشڪا شرما چيو ته هوءَ ڊپ مان ٿيندڙ ڊپ کي وڌيڪ خطرناڪ سمجهي ٿي، سندس چوڻ هو ته مان ڪڏهن به اها شيءِ ڪرڻ کان ناهيان ڊڄندي، جيڪا مونکي ڪرڻي هوندي آهي، انوشڪا جو چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته سونم ڪپور جي فلم نيرجا سينيما گهرن ۾ ڪوبه ڊپ نه پکيڙيندي ۽ سٺي ڪمائي ڪندي. سندس اهڙي ٽوئٽ جي جواب ۾ سونم جوابي نياپي ۾ چيو ته انوشڪا تون اداڪارا آهين ۽ اسان کي ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته توکان اهو سکون ته بي ڊپو ڪيئن ٿي سگهجي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *