ڊپ وچان جج دهشتگردي جا ڪيس نه پيا هلائن، ڊنل جج استعيفيٰ ڏين: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار،ڪراچي ۾ بدامني ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ تي مڪمل طور ضابطو نه اچڻ جو ذميوار عدليه کي قرار ڏئي ڇڏيو،شرجيل ميمڻ،پوليس ۽ رينجرز جي ڪارروائي کي بهتر قرار ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جا جج ڊپ وچان 95 سيڪڙو ڪيسن جي ٻڌڻي ئي نه ٿا ڪن. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن جا تفصيل سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان ۾ پيش ڪيا. هن رينجرز ۽ پوليس جي ڪارڪردگيءَ کي اطمينان جوڳو قرار ڏيندي چيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جا جج سمورين سهولتن باوجود ڊپ وچان ٽارگيٽ ڪلنگ توڙي بدامني جي ٻين واقعن جا 95 سيڪڙو ڪيس نه ٿا هلائين. هن دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي ججن کي گذارش ڪئي ته ڏوهارين کي سزا ڏني وڃي،ٻي صورت ۾ ڊنل جج استعيفيٰ ڏئي گهر هليا وڃن. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي آپريشن ۾ پوليس ۽ رينجرز جي بهتر ڪارڪردگي سبب ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، اڳ روزانو 20، 20 لاش ڪرندا هئا پر هاڻي صورتحال مختلف آهي. شرجيل انعام ميمڻ ٽارگيٽڊ آپريشن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته آپريشن دوران 14 سئو کان وڌيڪ مقابلا ٿيا،77 ڏوهاري ٽولن جو خاتمو آيو ۽ 242 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو. شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته مختلف ڪارروائين ۾ اغوا جي وارداتن ۾ ملوث ڏوهاري ماريا ويا ۽ سوين ڪلوگرام ڌماڪيدار مادي سميت آپگهاتي جيڪيٽس به برآمد ٿيون. هن چيو ته ڪراچي آپريشن ۾ ڪنهن خاص پارٽيءَ جي ماڻهن خلاف ڪارروائي جي هدايت ناهي ڪئي وئي،شهر ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جو نيٽ ورڪ موجود آهي،جن جي خاتمي لاءِ ڪارروائيون جاري آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته ٽارگيٽڊ ڪارروائين جي ردعمل ۾ پوليس تي حملا ٿي رهيا آهن، سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏيندڙ سنڌ پوليس تي تنقيد جو ڪوبه جواز ناهي. هن چيو ته ڏوهن ۾ غير قانوني سمون استعمال ٿي رهيون آهن،جن جي بندش لاءِ وفاقي حڪومت کي تجويز ڏني هئي پر ان تي اڃا تائين عمل ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف ۽ گهرو وزير چوڌري نثار طرفان جيڪي واعدا ڪيا ويا اهي به پورا نه ڪيا ويا آهن. اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار جي ڪوششن سبب صوبي جي ٻين شهرن ۾ به ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *