ڊي چوڪ کي اهڙو ٺاهينداسين جيئن ڪو ڌرڻو هڻي نه سگھي: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان ايف آءِ اي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائيون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي اشتهاري ماڻهن جو ڊجيٽيل رڪارڊ ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن گھرو وزارت ۾ وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان جي صدارت هيٺ جل اعلي سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پوليس، ايف آءِ اي ۽ گھرو وزارت جا عملدار شريڪ ٿيا. ان موقعي تي ملڪ جي موجوده صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته اسلام آباد پوليس، نادرا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اشتهاري ڏوهارين جا تفصيل گڏ ڪن. سموري ڊيٽا آءِ اي سان شيئر ڪئي وڃي. هن چيو ته ڊي چوڪ کي ائين ٺاهيو ويندو جيئن ڪير به ڌرڻو هڻي نه سگھي. ڊي چوڪ تي جلسن جي اجازت هرگس نه ڏني ويندي. مستقبل ۾ ڊي چوڪ تي جسلن جي اجازت نه هوندي. چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائيون تيز ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *