گلشن اقبال پارڪ واقعي جي ذميوار پنجاب حڪومت آهي، وڏي وزير کي استعيفا ڏيڻ گهرجي: سينيٽر اعتزازاحسن

لاهور (اين اين آءِ) پ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر اعتزازاحسن چيو آهي ته گلشن اقبال پارڪ واقعي جي ذميوار پنجاب حڪومت آهي جنهن تي شهبازشريف کي بنا دير استعيفا ڏيڻ گهرجي ايئن لڳي ٿو ته شريف ڀائر احتساب کان آجا آهن ۽ انهن جو احتساب نه ٿيندو پنجاب ۾ رينجرز  پر نيب جي اچڻ جي ضرورت آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزازاحسن چيو ته لاهور جي اڌ پوليس شريف ڀائرن جي سيڪيورٽي تي مقرر آهي ته ماڻهن جي حفاظت ڪيئن ڪندي. لاهور واقعي جي ذميوار پنجاب حڪومت آهي پ پ پ پارليامينٽ اندر به شهبازشريف جي استعيفا جو مطالبو ڪندي ۽ گلشن اقبال پارڪ واقعي کي سينيٽ ۾ به اٿاريو ويندو. هن چيو ته لاهور سانحي کان پوءِ اسپتال ۾ طبي سهولتون نه هجڻ ڪري وڏي انگ ۾ ماڻهو فوت ٿيا جڏهن ته پنجاب حڪومت پاران متاثرن کي ڏنل امدادي چيڪن ورهائڻ ۾ به ڪرپشن ٿي رهي آهي حڪومت کي ماڻهن جي سيڪيورٽي جي ڪائي ڳڻتي نه آهي هن چيو ته شريف ڀائر قومي خزاني تي ڌاڻي مٿان ڌاڙو هڻي رهيا آهن پر ان جي باوجود شريف ڀائرن جو احتساب نه پيو ٿئي ۽ عدالتون خاموش آهن جنهن مان لڳي ٿو ته شريف ڀائر احتساب کان آجا آهن. سندس چوڻ هو ته کيس پڪ آهي ته شريف ڀائرن جو احتساب نه ٿيندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *