ڊي چوڪ تي جلسو ڪرڻ نه ڏنو ويندو، ايف آءِ اي کان جاچ جو مطالبو اپوزيشن جو هو: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته پاناما ليڪس معاملي تي ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو اپوزيشن ڪيو هو، عوام جي آگاهي لاءِ گڏجي پاناما ليڪس معاملي کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻو پوندو، خابرو ادارن موجب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري نثار جو چوڻ هو ته پاناما پيپرز تي ايف آءِ اي کي ان لاءِ متحرڪ نه ڪيو ڇو جو خبر هئي ته ٻيهر الزام لڳي ويندو، ايف آءِ اي آفيسر جي چونڊ جو فيصلو عمران خان تي ڇڏيان ٿو، عمران خان ايف آءِ اي جي جهڙي به آفيسر جو چوندو ان کان تحقيق ڪرائينداسين، سندس چوڻ هو ته ڊي چوڪ ۽ ايف نائين پارڪ جلسن، جلوسن ۽ ڌرڻن لاءِ استعمال نه ٿيندو، فيصلو ڪري چُڪا آهيون ته ڊي چوڪ تي جلسو ڪرڻ نه ڏنو ويندو، هڪ ارب رپيا ڌرڻي دوران سيڪيورٽي تي خرچ ٿيو هو، جلسن لاءِ پورو پاڪستان آهي، دار الحڪومت بند ڪرڻ جو سلسو بند ٿيڻ کپي، اسلام آباد ۾ ڪنهن به جاءِ تي جلسي جلوسن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، هر ايندڙ ڏينهن اسلام آباد جو سيل رهڻ دنيا لاءِ سٺو پيغام نه آهي، اسلام آباد کانپوءِ ٻين شهرن ۾ به جلسا جلوس ڪري سگهجن ٿا، چوڌري نثار چيو ته الزامن، جلسن ۽ ڌرڻن کان پاسو ڪيو وڃي، اسلام آباد ۾ فون سروس بند ڪرڻ سان تڪليف ٿيندي آهي، اچو ته سڀئي گڏجي اسلام آباد کي امن جو شهر ٺاهيون، جيڪڏهن جلسو ڪيو ويو ته اسان کي جيڪا ڪارروائي ڪرڻي پئي ڪنداسين، چوڌري نثار جو چوڻ هو ته نواز شريف لنڊن ۾ ڪو به فليٽ ناهي لڪايو، اتي سياسي ميٽنگون ٿيندو آهن، مسلم ليگ ن تي تنقيد ڪندڙ پهرين پنهنجو گريبان ڏسن، پاڪستاني عوام ان ماڻهن تي نظر وجهي جيڪي منهن سان ٻه ڳالهيون ڪن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *