ڊي جي رينجرز پاران پرڏيهي واپارين کي ڪراچي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت، امن بحال ٿي ويو آهي: بلال اڪبر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر چيو آهي ته رينجرز ۽ پوليس جي ڪوششن سان ڪراچي ۾ امن بحال ٿيو. رينجرز هيڊ ڪوراٽر ۾ واپارين جي وفد ڊي جي رينجرز سان ملاقات ڪري ڏوهارين خلاف رينجرز جي ڪاررواين جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊي جي رينجرز چيو ته ڪراچي ۾ ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي وارداتن ۾ خاطر خواهه گهٽتائي آئي آهي. سندس چوڻ هو ته امن امان جي صورتحال ۾ بهتري اچڻ سبب پرڏيهي سيڙپڪار بغير خوف جي شهر جو رخ ڪن. ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر جو چوڻ هو ته واپاري برادري ڀروسو ڪن ته شهر مان ڏوهن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو، هو اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ منصوبو جوڙي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *