ڊي جي آءِ آيس آءِ جي وزير اعظم سان ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي دفاع ۾ آءِ ايس آءِ پٺي جي ڪنڊي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪستان جي دفاعي لائين تي فخر آهي، آءِ ايس آءِ دفاعي لائين جو پهريون گهيرو آهي، آءِ ايس آءِ جي جوانن جي پاڪستان جي دفاع لاءِ ڏنل قربانيون قابل واکاڻ آهن. هو آءِ ايس آءِ ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. سومر ڏينهن آءِ ايس آءِ ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آپريشن ضرب عضب سميت آءِ ڊي پيز جي حوالي سان ويچاريو ويو. خانگي ٽي وي موجب وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ ملڪي سلامتي جي حوالي سان به تفصيلي ڳالهايو ويو، ملڪي سيڪيورٽي صورتحال تي ويچاريو ويو. هن آءِ ايس آءِ جي پيشيوراڻا معاملن، آپريشن ضرب عضب، آپريشن خيبر ون، ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ بائونڊري سميت ملڪ کي پيش چئلينجن،پاڪ افغان بارڊر جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. آءِ ايس آءِ ڊي جي ڳجهي ادارن جي ڪاميابين جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو جنهن تي وزيراعظم نواز شريف آءِ ايس آءِ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي دفاع ۾ آءِ ايس آءِ پٺي جي هڏي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪستان جي دفاعي لائين تي فخر آهي، آءِ ايس آءِ دفاعي لائين جو پهريون گهيرو آهي. آءِ ايس آءِ جي جوانن جون پاڪستان جي دفاع لاءِ ڏنل قربانيون قابل واکاڻ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *