ڊيٿ وارنٽ جاري، اڊيالا جيل ۾ ۾ اڄ ٻن، سڀاڻي پنجن ۽ 19 مارچ تي ٽن ڏوهارين کي ڦاهي چاڙهيو ويندو

راولپنڊي (م.ڊ) سينٽرل جيل اڊيالا ۾ قيد مختلف ڏوهن ۾ ملوث ٻن قيدين کي اڄ اڱاري تي، پنجن کي سڀاڻي اربع ۽ ٽن کي 19 مارچ تي ڦاهي تي لٽڪايو ويندو. ڦاهي وارن قيدين جي گهر ڀاتين سان ملاقاتن وارو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. جيل اختيارين مطابق اڄ اڱاري ڏينهن ملڪ نديم زمان ولد شير زمان، محمد جاويد ولد افسر کي ڦاهي چاڙهيو ويندو. جڏهن ته شوڪت علي، محمد شبير، طالب حسين، ربنواز ۽ قدير احمد کي 18 مارچ تي ڦاهي ڏني ويندي. ٻن سڳن ڀائرن غلام محمد ۽ اصغر علي ولد غلام حسين کي 19 مارچ تي ڦاهي چاڙهيو ويندو. انهن سمورن ڏوهارين جي ڊيٿ وارنٽن تي ڊسٽرڪٽ سيشن جج صحيحيون ڪري جيل انتظاميه ڏانهن اماڻي ڇڏيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *