ڊينگي مڇر پاڪستان جي تقريبن سڀني جغرافيائي علائقن ۾ موجود، اين آءِ ايڇ  ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڊينگي وائرس جي وڌندڙ ڪيسن جي حوالي سان صحت جي قومي اداري (اين آءِ ايڇ) ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي. صحت جي قومي اداري پاران جاري ڪيل ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته ڊينگي مڇر پاڪستان جي تقريبن سڀني جغرافيائي علائقن ۾ موجود آهي. اين آءِ ايڇ موجب ڊينگي مڇر جي سڃاڻپ ان جي جسم تي موجود ڪارن ۽ اڇن نشانن سان ڪري سگھجي ٿي. صحت جي قومي اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب 2019ع ۾ ڊينگي سبب 95 فوتگيون ٿيون جڏهن ته ان جا 53 هزار 498 ڪيس رپورٽ ٿيا.  ايڊوائزري ۾وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 220ع ۾ ڊينگي وائرس جا 6 هزار 16 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا ۽ هلندڙ سال سيپٽمبر تائين ڊينگي جا 3 هزار 795 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *