ڊيل گهرجي نه وري ڪا ڍر، اين آر او گهرندڙن جا نالا ته کڻو: پيپلز پارٽي

سکر(بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وفاقي سرڪار ٻڌائي ته ڪهڙي نڀاڳي اين آر او گهريو آهي، ڪو ته نالو کڻو، ڪجهه ته ٻڌايو، پي ٽي آءِ سرڪار وٽ اڪثريت ناهي، اسان ڪجهه به ڪري سگهون ٿا. سکر ۾ ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پهريان ڪڏهن به اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين خلاف بي اعتمادي جي رٿ ناهي آئي، اسان کي به خبر آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ وزيرن خلاف نيب ڪيسز آهن، خورشيد شاهه چيو ته عمران خان وٽ اڪثريت ناهي، اسان گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا. خورشيد شاهه وفاقي سرڪار سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڪهڙي نڀاڳي اوهان کان اين آر او گهريو آهي، ڪو ته نالو کڻو، ڪجهه ته ٻڌايو، هن چيو ته اسان کي نه ڪا ڊيل گهرجي. نه وري ڪا ڍر چاهيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *