ڊيل ڪري نه پيو وڃان، جلد واپس اچي هن نظام خلاف جدوجهد ڪندس: طاهر القادري

لاهور (م.ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڊآڪٽر طاهرالقادري گذريل صبح علاج جي لاءِ لاهور کان آمريڪا روانو ٿي ويو رواني ٿيڻ کان اڳ ۾ پنهنجي رهائشگھاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته علاج کان پوءِ بنا دير پنهنجي عوام وچ ۾ هوندس ۽ انقلاب جو سفر واپس اچي اتان ئي شروع ڪندس جتان ڇڏي وڃي رهيو آهيان. ڪارڪن پنهنجو حوصله بلند رکن ۽ قوم مون کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکي هن چيو ته پاڪستان عوامي تحريڪ جنهن جدوجهد ۾ شامل نه ٿيندي ڪابه جدوجهدان نظام کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿي ٿي سگهي ان لاءِ تمام پارٽيز ۽ تمام قوتن کي ملي گڏيل پليٽ فارم تان ڪوششون ڪرڻيون پوندون هن ماڊل ٽائون سانحي ۽ حڪومتي جي رويي جي حوالي سان تفصيل سان ڳالهائيندي چيو ته ميان نوازشريف ۽ شهبازشريف ڪنهن دوکي ۾ نه رهن اسان اها ڳالهه تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون جو ان جي حڪم ۽ اجازت جي بغير پوليس 12 ڪلاڪن تائين معصوم شهرين تي گوليون هڻي يا لاشون ڪيرائي. 17 جون جي سانحي جي حوالي سان ڪنهن قسم جو ڪمپرومائيز جو تصور کي به شهيدن جي خون سان بيوفائي ۽ غداري سمجهون ٿا ڊيل جون افواهون غلط آهن افواهون ڦهلائيندڙ الله کان معافي وٺن هن چيو ته جيستائين ماڊل ٽائون سانحي جي جڊيشل ڪميشن جي انڪوائري رپورٽ شايع نه ٿيندي ۽ مقتولن جي وارثن جي تاعيد واري جي آءِ ٽي نٿي ٺهي حڪومت جي ڪنهن به تحقيقاتي تماشي جو حصو نه بڻجنداسين. هن 1990 جي قاتلاڻي حملي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان وقت به چيو ويو هو ته اهو ٻڪري جو خون آهي. جيڪڏهن اهو ٻڪري جو خون هو ته پوءِ رپورٽ کي اسان جي خلاف استعمال ڇو نه ڪيو ويو اسان کي بدنام ڪرڻ جو حڪومت وٽ ان کان وڌيڪ سٺو موقعو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هو واقعي ٻڪري جو خون هو ته رپورٽ جون ڪاپيون ميڊيا کي ڇو نه ڏنيون ويون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايئر ايمبولنس ڏيڻ جي خبر ٻين افواهن وانگر هڪ افواهه هئي حڪومت اهڙي پيشڪش ڪري به ته قبول نه ڪيان ها. ڌرڻي دوران حڪومت سان جيتريون به ڳالهين جا دور ٿيا ڊيل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه پر ڪنهن هڪ موقعي تي به ڪنهن حڪومتي ميمبر کي ڊيل تي ڳالهه ڪرڻ جي جرئت به نه ٿي سگهي ايئرپورٽ تي ان کي ڊاڪٽر حسن محي الدين، ڊاڪٽر حسين محي الدين خرم نواز گنڊاپور، شاڪر مزاري، مخدوم نديم سميت عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ ان کي الوداع ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *