ڊيره غازي خان ۾ مسافر بس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر، 3 مسافر فوت

ڊيره غازي خان(م.ڊ) ڊيره غازي خان ۾ مسافر بس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر سبب 3 مسافر فوت ۽ 25 زخمي ٿي پيا ريسڪيو ذريعن مطابق مسافر بس پشاور کان ڪراچي وڃي رهي هئي انڊس هاءِ وي تي شادن لنڊ واري جاءِ تي مسافر بس مخالف سائيڊ کانن ايندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ 3 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته 25 زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن زخمين کي ٽيچنگ اسپال ڊي جي خان منتقل ڪيو ويو جتي 2 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *