
لاهور (اسپورٽس نيوز) پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي پي ايس ايل ٿري کان اڳ پاڪستانين لاءِ محبت ڀريو پيغام جاري ڪيو آهي. جنهن ۾ هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي چاهيون ٿا، گذريل ايڊيشن جي فائنل ۾ به لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ زبردست جوش هو، وڏي خوشي آهي ته مون سان گڏ ڪرس جورڊن، مارلون سموئيلز ۽ ڊيوڊ مالان پاڪستانين جي مهمان نوازي سان لطف اندوز ٿيا ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽائٽل کٽڻ سان ٽور جو مزو ٻيڙون ٿي ويو. ڊيرن سيمي چيو ته اسان مداحن طرفان مليل عزت ڪڏهن وساري نٿو سگھان، پاڪستاني مون سان ۽ آئون پاڪستانين سان تمام محبت ڪندو آهيان. سيمي چيو ته گذريل ايڊيشن ۾ قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽرافي کٽي، هاڻي 25 مار تي ڪراچي ۾ به پنهنجي اعزاز جو بچاءُ ڪندي گذريل سال کان وڌيڪ جشن ملهائيدا سين، پي ايس ايل ۾ مهم لاءِ تياريون مڪمل آهن، هر حريف ٽيم جو احترام ۽ راند جو قدر ڪندا آهن پر ڪنهن جي طاقت جي خوف جو شڪار ٿئي بنا رڳو ڪاميابي جي عزم سان ميدان ۾ لهندا سين.