ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪارروائي، 0 1 دهشتگرد مارجي ويا، 9 1 سوگها، وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ

ڊيرا اسماعيل خان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي 3 ڏينهن کان جاري آپريشن ۾ 0 1 دهشتگرد مارجي جڏهن ته 9 1 گرفتار ڪيا ويا. تفصيل موجب 3 ڏينهن پهريان ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ اطلاع مليو هو ته ڪيترائي دهشتگرد ڪالوني ۾ داخل ٿيا آهن جنهن تي مسجد ۾ اعلان به ڪيا ويا هئا، جنهن تي پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو هو. 3 ڏينهن تائين جاري رهندڙ آپريشن ۾ پوليس ڪامياب ٿيندي 0 1 دهشتگردن کي مقابلي بعد ماري ڇڏيو جڏهن ته 9 1 دهشتگرد گرفتار ڪري ورتا. دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار به هٿ ڪيو ويو جڏهن ته هڪ گهر مان ڇاپو هڻي دهشتگردن جي گُر هاشم کي به گرفتار ڪيو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *