ڊيرا اسمائيل خان ۾ مسافر بس سان حادثو،5 ڄڻا فوت،14 زخمي

ڊيرا اسمائيل خان (م.ڊ) چونڊا چيڪ پوسٽ ويجهو مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا،جڏهن ته 14 زخمي پڻ ٿي پيا.ميڊيا رپورٽ مطابق بنون کان ڊيرا اسمائيل خان ويندڙ مسافر ڪوچ چونڊا چيڪ پوسٽ ويجهو تيز رفتاري سبب سامهون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪرائيجي وئي،حادثي سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 14 سخت زخمي پڻ ٿي پيا،زخمين  کي ضلعي اسپتال نيوويو جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيندڙن ۾ 2 عورتون ۽ هڪ ٻارڙو به شامل آهي،لاشن جي سڃاڻپ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *