
ڊيرا اسماعيل خان (رپورٽر) بنون چورنگي ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ به پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.ميڊيا رپورٽ مطابق ڊيراسماعيل خان جي بنون چونگي ويجهو ٻه پوليس اهلڪار عمران ۽ فيصل موٽرسائيڪل تي معمول مطابق گشت ڪري رهيا هئا ته موٽرسائيڪل تي اڻڄاتل هٿياربندن مٿن حملو ڪري ڏنو،جنهن کانپوءِ پوليس اهلڪار عمران موقعي تي ئي فوت ٿي ويو،جڏهن ته فيصل کي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ ملتان نيو پيو وڃي ته رستي ۾ زخمن جا تاپ نه سهندي شهيد ٿي ويو.