ڊسڪا اليڪشن ڌانڌلي جا پير سڌو وزيراعظم ۽ وڏي وزير طرف وڃن ٿا: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڊسڪا اليڪشن ڌانڌلي جا پير سڌو وزيراعظم ۽ وڏي وزير ڏانهن وڃن ٿا اميد آهي ته اعليٰ عدليه ڊسڪا اليڪشن تي نوٽيس وٺندي، نيب جي ڪارروائي سبب ڪوئي آفيسر فيصلو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي نيب سبب هلندڙ مهيني گئس جي مد ۾ 25 ارب رپين جو نقصان ٿيو. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي، حڪومت ۽ نيب جي چيئرمين تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته نيٽ سائونڊ، شوگر ملز جا مالڪ ڪابينه جي ميز تي هوندا آهن ڇا شگر اسڪينڊل جوجواب عمران خان وٽ آهي، گهڻ گهرين ماڻهن جا نالا ريفرنس مان ڪڍيا وڃن ٿا هن چيو ته دوائن واري اسڪينڊل ۾منهنجو نالو اچي رهيو آهي ته منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪيو. وزيراعطم چوري تي عامر ڪياني کي ڪڍيو نيب جي چيئرمين ان کي ڪليئر ڪري ڇڏيو. شاهد خاقان عباسي چيو ته کند چور ڪابينه جي ڪرنسين تي قبضو ڪيو ويٺا آهن حڪومت جي ڪرپشن سبب ملڪ ۾مهانگائي جو طوفان آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *