ڊسمبر ۾ بجليءَ جي پيداوار لاءِ گئس بدران فرنيس آئيل ڇو ڪتب آندو ويو؟: نيپرا

اسلام آباد (م.ڊ) بجليءَ جا ڳرا بل ڏسي ماڻهن جون رڙيون نڪري وڃن ٿيون، فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي درخواست ۾ دير سان واهپيدارن تي وڏو بار پئجي سگهي ٿو، نيپرا چيئرمين انڪشاف ڪيو آهي ته ڊسمبر مهيني ۾ بجليءَ جي واهپيدارن تي 13 ارب 80 ڪروڙ رُپين جو اضافي بار وڌو ويو، ٻڌايو وڃي ته ڊسمبر ۾ بجليءَ جي پيداوار لاءِ گئس بدران فرنيس آئيل ڇو ڪتب آندو ويو؟ بجليءَ جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيز طرفان/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 15

 فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران نيشنل پاور ڪنٽرول سينٽر جي اختيارين چيو ته ڊسمبر ۾ گئس جي کوٽ سبب فرنيس آئل مان بجلي پيدا ڪئي وئي، نيپرا چيئرمين چيو آهي ته فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ سان 7 ارب رُپين جو بار بجليءَ جي واهپيدارن ڏانهن منتقل ٿي ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *