ڊاڪٽر مليحه لوڌي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده مقرر

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان سومر ڏينهن ڊاڪٽر مليحه لوڌي کي گڏيل قومن ۾ مستقل نمائنده مقرر ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس وزيراعظم محمد نواز شريف جي فيصلي مطابق ڊاڪٽر مليحه لوڌيءَ جي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده طور مقرري جو اعلان ڪيو آهي ۽ هوءَ فبيروري 2015ع ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀاليندي. ان کان اڳ ڊاڪٽر مليحه لوڌي 2 ڀيرا 1993ع کان 1996ع ۽ 1999ع کان 2002ع تائين آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير طور تي خدمتون انجام ڏئي چڪي آهي. هوءَ 2003ع کان 2008ع تائين برطانيه ۾ پڻ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر رهي آهي. ڊاڪٽر مليحه لوڌي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ وارن معاملن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ايڊوائيزري بورڊ ۾ پڻ 2001ع کان 2005ع تائين ميمبر طور خدمتون انجام ڏنيون. ڊاڪٽر مليحه لوڌي لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس اينڊ پوليٽيڪل سائنس ۾ پڻ پڙهائي چڪي آهي ۽ هوءَ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف پوليٽڪس جي فيلو پڻ رهي چڪي آهي. ان کان علاوه واشنگٽن ڊي سي ۾ ووڊرو ولسن سينٽر ۾ انٽرنيشنل اسڪالر پڻ خدمتون انجام ڏنيون آهن. هوءَ نيشنل ڊفينس يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جي ميمبر پڻ آهي ۽ لنڊن ۾ واقع انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ افيئر جي ايڊوائيزري ڪائونسل جي پڻ ميمبر آهي. ڊاڪٽر مليحه لوڌي پهرين پاڪستاني عورت هوندي جيڪا گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي، اها وزيراعظم محمد نواز شريف طرفان پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ واري ٽيم ۾ ڪنهن سينيئر عهدي تي عورت جي مقرري هوندي. وزيراعظم ان عهدي لاءِ هڪ اهڙي شخصيت جي چونڊ ڪئي آهي جنهن کي نه رڳو سفارتي سطح تي اهميت حاصل آهي پر هوءَ ملڪ جي هڪ وڏي دانشور پڻ آهي. ڊاڪٽر مليحه لوڌي پهريون ڀيرو اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو طرفان آمريڪا ۾ سفير طور مقرر ڪئي وئي هئي. هن آمريڪا ۾ ٻن مختلف قسمن جي انتظاميه سان گڏ ڪم ڪيو جن ۾ صدر بل ڪلٽن ۽ صدر جارج ڊبليو بش جي انتظاميه شامل آهن. سندس آمريڪا ۾ ٻيو ڀيرو مقرريءَ وارو دؤر چئلينجن کان ڀرپور هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت نائين اليون وارو واقعو پڻ پيش آيو هو. هن مختلف موقعن تي پاڪستان جو مؤقف ڀرپور نموني پيش ڪيو ۽ سفارتي حوالي سان پاڪستان جي مفادن لاءِ پوريءَ ريت ڪوششون ورتيون. ڊاڪٽر مليحه لوڌي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات صحافت سان ڪئي ۽ هوءَ هڪ قومي اخبار جي ايشيا جي پهرين ايڊيٽر پڻ رهي. هوءَ 2 ڪتاب پڻ لکي چڪي آهي ۽ 2010ع ۾ هڪ مشهور مجموعي ”پاڪستان بيانڊ دي ڪرائيسز اسٽيٽ“ کي پڻ ايڊيٽ ڪيو. هن کي عوامي خدمتن جي مڃتا طور حڪومت طرفان هلال امتياز جو اعزاز پڻ مليل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *