ڊاڪٽر عاصم کي اسپتال ۾ رکڻ جي ضرورت آهي يا نه؟: سپريم ڪورٽ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، دهشتگردن جي معاونت جي الزام هيٺ گرفتار پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم جي معائني لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جسٽس سرمد جلال عثماني ۽ جسٽس دوست محمد کوسا تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ڊويزنل بينچ ڊاڪٽر عاصم جي گهرواري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران ڊاڪٽر عاصم جي گهرواري جي وڪيل عابد زبيري موقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽر عاصم کي دل جي تڪليف کانپوءِ ڪراچي  ۾ دل جي قومي اداري ۾ داخل ڪيو ويو هو.  وڪيل عابد زبيري دليل ڏنا ته رينجرز ڊاڪٽر عاصم کي اسپتال ۾ علاج دوران ٻيهر حراست ۾ وٺي وئي هئي، ڊاڪٽر عاصم جو صحيح نموني سان علاج ناهي ٿيو، رينجرز جي ڊاڪٽر پاران پيش ڪيل رپورٽ به تسلي جوڳي نه هئي. وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ڊاڪٽر عاصم جي معائني لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي. عدالت، دليل ٻڌڻ کانپوءِ صحت واري وفاقي سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته ڊاڪٽر عاصم جي معائني لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ ٻڌايو وڃي ته ڊاڪٽر عاصم کي اسپتال ۾ رکڻ جي ضرورت آهي يا نه.؟ ڊاڪٽر عاصم جي گهرواري جي وڪيل چيو ته ميڊيڪل بورڊ ۾ ڪو به فوجي ڊاڪٽر شامل نه ڪيو وڃي. عدالت، رمارڪس ڏنا ته اميد آهي ته غير جانبدار ڊاڪٽرن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ قائم ڪيو ويندو، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 28 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *