ڊاڪٽر عاصم ذهني مريض ٿي ويو آهي،خودڪشي ڪري سگهي ٿو:نفسياتي ماهر ڊاڪٽر هارون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيب هٿان گرفتار ڪيل ڊاڪٽر عاصم خودڪشي ڪري سگهي ٿو، اهڙو انڪشاف هن جو طبيعت چڪاس ڪندڙ ماهر نفسيات ڊاڪٽر هارون احمد ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽ مطابق نيب جي عملدارن جي هدايت تي ڊاڪٽر عاصم جي طبي چڪاس ڪرائي وئي، ڊاڪٽر هارون پنهنجي رپورٽ نيب جي عملدارن کي موڪلي ڇڏي آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم ذهني مريض ٿي چڪو آهي ۽ هو ڪهڙي به وقت خودڪشي ڪري سگهي ٿو، اهڙي رپورٽ کانپوءِ امڪان آهي ته ڊاڪٽر عاصم کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي، ڊاڪٽر عاصم کي نيب پاران اڱاري تي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *