ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين کان جاچ: نيب ۽ رينجرز جي گڏيل ٽيم جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين جي گرفتاري ۽ انهن کان جاچ کان پوءِ قومي احتساب بيورو ۽ پاڪستان رينجرز جي گڏيل ٽيم توانائي جي شعبي ۾ بيضابگين ۽ ڪرپشن جي الزامن جي جاچ جو دائرو 5 ڪمپنين ۽ ادارن تائين وڌائي ڇڏيو آهي ۽ اسٽيٽ بئنڪ مقامي ۽ پرڏيهي بئنڪن ۽ مالياتي ادارن کان ڪراچي سان تعلق رکندڙ 15 ماڻهن جي بئنڪ اڪائونٽس جو تفصيل گهريو آهي ذريعن مطابق توانائي جي شعبي ۾ ڪرپشن جي جاچ وڌائڻ جو فيصلو ڊاڪٽر عاصم حسين، سوئي سدرن گئس ڪمپني جا اڳوڻا مئنجنگ ڊائريڪٽرز هير صديقي ڪمپني جو اڳوڻو ڊپٽي مئنجنگ ڊائريڪٽر شعيب وارسي ۽ ڪامران احسان جي گرفتاري کان پوءِ ڪيو ويو نيب پاران اسٽيٽ بئنڪ کي لکيل تازي خط ۾ چيو ويو ته هو سنڌ صوبي جي سمورن مالياتي ادارن ۽ پرڏيهي بئنڪن کي تجمل حسين روبينا حسين سبينه خالد عارف حسين احسن احمد افضل احمد نور فاطمه خالد بن شاهين مريم خالد مرزا خالد زياد عارف دانيال عارف اعجاز فاطمه ۽ عماد حسين جي بئنڪ اڪائونٽس جو تفصيل فراهم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن جي بئنڪ اڪائونٽ جو تفصيل فراهم ڪرڻ جا حڪم ڊاڪٽر عاصم، سوئي سدرن گئس ڪمپني سوئي ناردرن پائيپ لائين لميٽيڊ پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ، آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي، ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين ڪمپنين جي خلاف جاچ جو دائرو وڌائڻ جي حوالي سان ڏنا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *