ڊاڪٽر عاصم جي خلاف دهشتگردي جا ڪيس ختم ڪرڻ وارو خط ظاهر، ايس پي عارب مهر 10 ڊسمبر تي خط ذريعي ڊاڪٽر عاصم جي ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو: ذريعا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هائيرايجيوڪيشن ڪميشن جي چئيرمين ۽ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين جي خلاف دهشتگردي جا ڪيس ختم ڪرڻ وارو خط ظاهر ٿي ويو. ايس ايس پي عارب مهر 10 ڊسمبر تي خط ذريعي ڊاڪٽر عاصم جي ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ڏنو هو.ذريعن مطابق ڊاڪٽر عاصم جيخلاف دهشتگردي جا ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ لکيل خط اڳيان اچي ويو آهي.خط جي مطابق ايس ايس پي عارب مهر 10 ڊسمبر تي ڊاڪٽر عاصم جي ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ جو حڪم  ڏنو آهي.جاچ آفيسر الطاف حسين اعليٰ سياسي ۽ پوليس آفيسرن جي هدايت کانپوءِ عاصم حسين جي خلاف دهشتگردي جا قلم ختم ڪيا.دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ بابت جمع ٿيندڙ رپورٽ به ميڊيا حاصل ڪري ورتي آهي.رپورٽ مطابق پوليس ڊاڪٽر عاصم کي دهشتگردن جو علان ۽ سهولت ڏيڻ جي ڪيس ۾ بي ڏوهي قرار ڏنو.ڊاڪٽر عاصم جي خلاف دهشتگردن جو اعلاج ڪرڻ جي ڪي به ثبوت نه مليا.پوليس جي 497 جي رپورٽ 21 ڊسمبر تي دهشتگرد ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *