ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي گهر واري سميت رينجرز جي سيڪيورٽي ۾ بدين روانو، اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا گهر واري سميت رينجرز جي سيڪيورٽي ۾ بدين لاءِ روانو ٿي ويو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا بدين جي عدالت ۾ ضمانت کان اڳ گرفتاري لاءِ پيش ٿيندو. ذوالفقار مرزا رينجرز جي سيڪيورٽي ۾ ڪراچي کان بدين لاءِ روانو ٿي ويو. ذوالفقار مرزا بدين جي عدالت ۾ اڄ پنهنجي گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ پيش ٿيندو. سندس سان گڏ ان جي گهر واري اسپيڪر قومي اسيمبلي فهميدا مرزا به هئي. ٻئي طرف ذوالفقار مرزا کي ڪراچي کان ٺٽي ۽ پوءِ ٺٽي کان بدين تائين رينجرز جي سيڪيورٽي فراهم هوندي.