ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تي هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪرڻ جي تياري مڪمل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تي هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪرڻ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي، پوليس آفيسرن ذوالفقار مرزا پري ڪورٽ جي ٻاهران بڪتر بند تي چڙهي تقرير ڪرڻ ۽ پوليس  اهلڪارن کي ڌمڪائڻ  تي ڪيس داخل ڪرڻ چاهين ٿا، ذريعن  موجب ڪراچي پوليجي ڊي آئي جي ۽ ٽن ايس ايس پيز فاروق ايڇ نائيڪ سان رابطو ڪيو آهي ۽ ذوالفقار مرزا تي ڪيس جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس آفيسرن ذوالفقار مرزا تي پري ڪورٽ ٻاهران بڪتر بند تي چڙهي تقرير ڪرڻ ۽ پوليس اهلڪارن کي ڌمڪائڻ  تي ڪيس داخل ڪرڻ چاهين  ٿا، ذريعن جي دعويٰ آهي ته آفيسرن ڪيس جي قلمن جي حوالي سان فاروق ايڇ نائيڪ سميت ٻين ماهرين سان مشاورت ڪئي آهي، مشاورت مڪمل ڪرڻ کان پوءِ حتمي طور تي ڪو فيصلو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *