ڊان ليڪس بابت رپورٽ وزير اعظم کي پيش، پرنسپل آفيسر ۽ طارق فاطمي کي عهدي تان هٽائڻ جي منظوري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڊان ليڪس بابت رپورٽ وزير اعظم نواز شريف کي پيش ڪئي وئي آهي ۽ وزير اعظم رائو تحسين ۽ طارق فاطمي کي عهدي تان هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته اڳوڻي وفاقي وزير پرويز رشيد خلاف ڪو به ڳجهو ثبوت سامهون ناهي آيو. وزير اعظم جي پرنسپل آفيسر رائو تحسين ۽ خاص مددگار کي عهدي تان هٽائڻ جي منظوري ڇڏي آهي. ڊان ليڪس بابت رپورٽ وزير اعظم کي پيش ڪئي وئي آهي ۽ پرويز رشيد خلاف ڪو به ڳجهو ثبوت پيش ناهي اچي سگهيو، پرويز رشيد جي موبائيل فارنزڪ رپورٽ موجب رپورٽر هن کي 11 ميسيج ڪيا جن مان هن رپورٽر کي اڪثر ميسجن جو جواب ناهي ڏنو. وزير اعظم کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ سيف سٽي مان حاصل ڪيل تصويرون به لڳايون ويون آهن، پرنسپل آفيسر رائو تحسين ۽ خاص مددگار طارق فاطمي خلاف به ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *