ڊانس سان عشق ڪندڙ ريچا چڍا ڪوريوگرافر به بڻجي وئي

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ جي ورسٽائيل اداڪارا ريچا چڍا پنهنجي ڪيريئر ۾ هڪ وڌيڪ تارو سجائيندي ڪوريوگرافر به بڻجي وئي آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق ڊانس سان چاهه رکندڙ ريچا چڍا پنهنجي ايندڙ فلم سربجيت جي گاني ”ٽنگ لڪ، ٽنگ لڪ“ جي ڊانس جي ڪجهه اسٽيپس جي ڪوريوگرافي پڻ ڪئي آهي، هڪ انٽرويو ۾ ريچا ٻڌايو ته مونکي ڊانس سان عشق آهي،پوءِ اها ڀلي ڪهڙي به فارم ۾ ڇو نه هجي، مونکي پنجابي ڊانس خاص طور تي ڀنگڙا ناچ وڌيڪ وڻندو آهي، هن چيو ته مان جڏهن سربجيت جو گانو ٽنگ لڪ پهريون ڀيرو ٻڌو ته اهو تمام گهڻو وڻيو ۽ مان ان جي شوٽ جو بي چيني سان انتظار ڪرڻ لڳيس،هن ٻڌايو ته گاني جي شوٽنگ شروع ٿي ته مونکي سڄو ماحول وڻي ويو، جنهن کانپوءِ مان ڪجهه اسٽيپس جي پاڻ به ڪوريوگرافي ڪئي،مون لاءِ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها هئي ته ڪوريوگرافر کي به اهي ڊانس اسٽيپ پسند آيا ۽ هن اهي گاني ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،ذريعن مطابق رڳو ايترو ئي نه پر ريچا فلم جي هيرو رنديپ هوڊا کي به ڊانس جا ڪجههه اسٽيپ سيکارڻ ۾ مدد ڪئي، جيڪي کيس ڏکيا لڳي رهيا هئا، سربجيت ۾ ايشوريا رائي بچن به مک ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اها فلم هلندڙ سال 20 مئي تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *