ڊالر گرل ايان علي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

راولپنڊي(م.ڊ) ڊالر گرل ايان علي تي ڪسٽم عدالت جو جج موڪل تي هجڻ ڪري اڄ 24هين پيشي تي به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، ماڊل جو چوڻ آهي ته ڪرنسي اسمگلنگ جو ڪيس ڪوڙو آهي، جيڪو ختم ٿيڻ بعد هوءَ ميڊيا سان ضرور ڳالهائيندي. ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار سپر ماڊ ايان علي کي راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ڪسٽم عدالت جو جج موڪل تي هجڻ ڪري ماڊل تي هڪ ڀيرو ٻيهر فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي پڻ 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ کانپوءِ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سپر گرل ايان علي چيو ته ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي. ايان علي چيو ته ڪيس ختم ٿيڻ بعد هوءَ ميڊيا سان هڪ ڀيرو ضرور ڳالهائيندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *