ڊالر مقامي ڪرنسي کي چِٿي ڇڏيو، آءِ ايم ايف سان ڳالهين تي اعتماد ۾ ورتو وڃي: رضا رباني

ڪراچي (اين اين آءِ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته آمريڪي ڊالر مقامي ڪرنسي کي چٿي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ گورنر جو رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سان فائدي وارو بيان ظالماڻو لطيفو آهي. پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا 20 ارب ڊالرن کان ڪِري 17 ارب ڊالرن جي سطح تي اچي ويا آهن، ذخيرا تيزي سان گهٽجڻ سان رپئي جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ گورنر جو رپئي جي قدر بابت بيان هڪ ظالماڻو لطيفو آهي، ڪي اليڪٽرڪ 3 رپيا 45 پئسا في يونٽ واڌ جو مطالبو ڪري رهي آهي، آءِ ايم ايف سان شرطن موجب حڪومت گئس اگهن ۾ به 35 سيڪڙو واڌ جو ارادو رکي ٿي. سندس چوڻ هو ته دي اڪنامسٽ رپورٽ موجب مهانگائي جي اعتبار سان پاڪستان دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي، عام واهپي جي شين جا اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهن. پ پ اڳواڻ موجب حڪومت وڏي ڪاروباري ۽ صنعتي شعبي جي ماڻهن کي ٽيڪس رليف ڏئي رهي آهي، جڏهن ته عام ماڻهو سمورا ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي، خبرون آهن ته ناڻي وارو صلاحڪار آءِ ايم ايف سان ڳالهيون بنا نتيجي ڇڏي آمريڪا مان روانو ٿي ويو آهي، هو ڳالهيون بيورو ڪريسي جي هٿ ۾ ڇڏي ويو آهي، حڪومت پارليامينٽ ۽ عوام کي آءِ ايم ايف ڳالهين جي حوالي سان اعتماد ۾ وٺي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *