ڇا جج جي مقرري امتحانن ذريعي ٿيڻ گهرجي؟: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ 8 1 هين ۽ 1 2 هين آئيني ترميمن، فوجي عدالتن جي قيام خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 8 2  مئي تائين ملتوي ڪئي وئي، چيف جسٽس ناصرالملڪ رمارڪس ڏنا ته ڇا جج جي مقرري امتحانن ذريعي ٿيڻ گهرجي، جسٽس اعجاز چوڌري رمارڪس ڏنا ته 8 1 هين ترميم ذريعي ڪئين آرٽيڪلز ۾ ترميمون ٿيون، پارليامينٽ پوري آئين تي نظرثاني ڪري ڇڏي جنهن جو ان کي اختيار نه هو. اڱاري ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ 8 1 هين ۽ 1 2 هين آئيني ترميمن، فوجي عدالتن جي قيام خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ 7 1  رڪني فل ڪورٽ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي ۾ جسٽس اعجاز چوڌري رمارڪس ڏنا ته 8 1 هين ترميم ذريعي ڪئين آرٽيڪلز ۾ ترميمون ٿيون، پارليامينٽ پوري آئين تي نظرثاني ڪري ڇڏي، جنهن جو ان کي اختيار نه هو اها قانون ساز اسيمبلي آهي جنهن آئين ساز اسيمبلي جو اختيار استعمال ڪيو، وڪيل اي ڪي ڏوگر دليل ڏنا ته اسان جي ملڪ جي سياستدانن متعلق ماڻهن جا ويچار سٺا نه آهن، ابليس چيو ته هاڻ منهنجي ضرورت نه آهي، سياستدانن جي صورت ۾ منهنجا جانشين اچي ويا آهن، سياسي پارٽين ۾ انٽرا پارٽي چونڊون نه ٿيڻ غير جمهوري طرزِ عمل آهي، 8 1 هين ترميم ۾ انٽرا پارٽي چونڊن جي شرط آئين مان ڪڍي وئي هئي. جسٽس اعجاز چوڌري رمارڪس ڏنا ته هڪ پاسي جمهوريت جي حمايت ۽ ٻئي پاسي اوهان سياستدانن کي برو ڀلو چئو ٿا. اي ڪي ڏوگر دليل ڏنا ته بار ايسوسيئيشن ان لاءِ مجبور آهي ته ان جون هر سال چونڊون ٿين ٿيون، ڊگهي عرصي لاءِ ڪنهن شخص وٽ اختيارن جو رهڻ ڪرپشن کي جنم ڏئي ٿو، هڪ شخص جي هر هر وزيراعظم بڻجڻ سان ٻين جي حق تلفي ٿئي ٿي. ڪميشن ۾ ججن جي مقرري جي طريقيڪار تي اعتراض آهي، ان حوالي سان وڪيلن کان درخواستون گهريون وڃن. جسٽس سرمد جلال عثماني رمارڪس ڏنا ته ان جو مطلب ته ججز ڪميشن ايليٽ ڪلب بنايو ويو آهي. اي ڪي ڏوگر چيو ته منهنجو به ڪجهه اهڙو ئي خيال آهي ته اهليت رکندڙ وڪيلن جو ججز بنجڻ سندن بنيادي حق آهي، ججز مقرري جو موجوده طريقو من پسند ماڻهن جي چونڊ آهي. اي ڪي ڏوگر چيو ته منهنجو فرض آهي ته عدالت کي ٻڌايان ته برطانيا ۾ ججز کي سرڪاري گاڏيون ۽ سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن، رائل ڪورٽ آف جسٽس ۾ عدالت جي ڪمري ۾ ججز پنهنجو ڪم پاڻ ڪن ٿا، رائل ڪورٽ آف جسٽس ۾ ڪورٽ اسسٽنٽ ۽ پٽيوالا ناهن هوندا. جسٽس آصف سعيد کوسي رمارڪس ڏنا ته برطانيا ۽ ويلز ۾ هاءِ ڪورٽ جو مطلب ٽرائل ڪورٽ هوندو آهي. اي ڪي ڏوگر چيو ته برطانيا ۾ ججز کي گاڏي ۽ ڊرائيور نٿو ملي، ڀارت ۾ هاءِ ڪورٽ جي جج جي پگهار 8 1  هزار رپيا ۽ پاڪستان ۾ 0 1  لک رپيا آهي. جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏنا ته اسلامي نظام عدل ۾ قاضي کي وڪيل جي ضرورت به ناهي هوندي. چيف جسٽس ناصرالملڪ پڇو ته ججز جي مقرري امتحانن ذريعي ٿيڻ گهرجي. جسٽس اعجاز چوڌري رمارڪس ڏنا ته ڇا پارليامينٽ پوري آئين جو نئين سرِ جائزو وٺي سگهي ٿي، سپريم ڪورٽ ۾ 8 1 هين ۽ 1 2 هين آئيني ترميمن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 8 2  مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *