
چڪ (م.ڊ) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ فريد جتوئي ۾ ملڪيت جي ڳالهه تان ٻن سڳن ڀائرن شوڪت گُهراڻي جتوئي ۽ نوريز گهراڻي جتوئي ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران نوريز گوليون هڻي پنهنجي ڀاڄائيءَ مسمات شمل زال شوڪت گهراڻي کي قتل ڪيو ته عورت جي مڙس شوڪت گهراڻي جتوئي گوليون هڻي پنهنجي ڀاءُ نوريز کي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع تي رستم پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا جن کي خانپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ٻنهي ڀائرن ۾ زمين جي معاملي تان ڪجھ ڏينهن کان ڇڪتاڻ ھلندڙ هئي ۽ اڄ ان ڇڪتاڻ ۾ نوجوان ۽ عورت قتل ٿي ويا آھن