چڪوال ۾ مسافر وين ۽ ڊمپر وچ ۾ ٽڪر،5 ڄڻافوت،12ڄڻا زخمي

چڪوال(م.ڊ) تله گنگ ويجهو مسافر وين ۽ ڊمپر ۾ ٽڪر ٿيڻ سان 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 12 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. ذريعن مطابق چڪوال کان ميانوالي ويندڙ مسافر وين تله گنگ روڊ تي فوڊ ويلي ويجهو ڊرائيور کان بي قابو ٿي مخالف روڊ کان ايندڙ ڊمپر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي نتيجي ۾۾ مسافر وين ۾ سوار 5 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته 12 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. حادثي کانپوءِ امدادي رضاڪارن لاشن ۽ زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪواٽر چڪوال  اسپتال پهچايو جتي زمين کي طبي مدد ڏني پئي وڃي، اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته زخمين مان 3 جي حالت نازڪ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *