چڪوال ويجهو ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، 6 ڄڻا فوت، 22 زخمي

چڪوال(م.د) چڪوال ويجهو ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙيَ سميت 6 ڄڻا فوت ۽ 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مسافر ڪوچ راولپنڊي کان جهنگ وڃي رهي هئي ته موٽر وي تي سالٽ رينج ويجهو ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي. حادثي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ 2 عورتون، ٻه ٻارڙا ۽ 3 مرد شامل آهن. حادثي ۾ فوت ٿيل پنجن ڄڻن جي سڃاڻپ ابوبڪر، ياسر علي، احمد سعيد، نديم ۽ ارشد جي نالن سان ٿي. حادثي ۾ 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتالچڪوال منتقل ڪيو ويو. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثو ٽرڪ جو بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *