چيو پيو وڃي ته متحدا ۾ ڪيترائي گروپ قائم ٿي ويا، نوان صوبا ٺاهڻا پوندا: الطاف

Altaf-hussainڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين چيو آهي ته تعصب پاڪستان کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم کي ڪمزور جماعت ڪوٺيو پيو وڃي. خدمت خلق فائونڊيشن جي تقريب کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي هن چيو ته هڪ تماشو بڻايو ويو ته ايم ڪيو ايم ۾ ڪيترائي گروپ ٿي ويا آهن. چيو ويو ته ايم ڪيو ايم جي باغي اڳواڻن جا اجلاس ٿي رهيا آهن. مون کان ان متعلق پڇيو ويو، هن چيو ته وقت اچڻ تي کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ثابت ٿي ويندو. هن چيو ته ملڪ بچائڻ لاءِ نوان صوبا ضروري آهن. هن چيو ته ٽاڪ شوز ۾ ماڻهو تجزئي بدران فيصلو ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. سالن کان ماڻهن جي خواهش رهي آهي ته ايم ڪيو ايم ختم ٿي وڃي. هن چيو ته ڀارتي فوج هٿان اسان جا 10 شهري شهيد ٿي ويا مودي جنگ ۾ لڳي ٿو ته اسان به سرن سان ڪفن ٻڌي نڪري اينداسين. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين چيو آهي ته جن منهنجي متعلق جيڪو ڪجهه چيو آئون انهن کي معاف ڪريان ٿو پر هاڻي ناانصافين جو سلسلو وڌيڪ دير تائين جاري نٿو رهي سگهي. ڪراچي ۾ ڪارڪنن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي مقبوليت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيوآهي. جن کي مقبوليت تي شڪ آهي انهن کي 2018 جي عام چونڊن ۾ شڪست ٿيندي. ان کان اڳ نواب شاهه ۾ قرباني جون کلون گڏ ڪندڙ ڪارڪنن سان فون تي ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي شهري علائقن سان مسلسل ناانصافيون ٿي رهيون آهن. غير قانوني تڪ بندين ذريعي اسان جون سيٽون گهٽ ڪيون ويون.الطاف حسين چيو ته جيڪي تعصب رکندڙ تجزيي نگار ايم ڪيو ايم ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ گروپ بندي جي هٿ ٺوڪيل، من گهڙت ۽ بي بنياد خبرون ڦهلائي رهيا آهن. اهي ڏسي وٺن ته ماڻهو ايم ڪيو ايم کي ڇڏي نه وڃي رهيا آهن. بلڪه ايم ڪيو ايم جا جيڪي پراڻا ذميوار پنهنجين مجبورين يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري گهر ويهي رهيا هئا، اهي به ايم ڪيو ايم ۾ واپس اچي رهيا آهن ۽ تحريڪ جي جدوجهد ۾ ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن. بدقسمتي سان گذريل67 سالن ۾ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اڄ تائين ڪنهن ڪوئي به ڪم نه ڪيو آهي. رتو ديرو، نئون ديرو،شڪارپور، لاڙڪاڻي، ڪشمور، دادو ۽ ٻين اندرون سنڌ جي ٻين شهرن ۾وڏيرن ۽ جاگيردارن جامحل نظر اچن ٿا. پر غريب هاري اڄ به جھوپڙين ۾ رهن ٿا ۽ اهي روڊن، اسپتالن ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان به محروم آهن. ان کان اڳ ايم ڪيو ايم، بلاول ڀٽو جي بيان کي کليل ڌمڪي قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي واريون ڳالهيون ڪرڻ بعد گهڻن ماڻهن جون ننڊون ڦٽي ويون آهن، ڪو به جاگيردار اسان کي سنڌ ۾ انتظامي يونٽس ٺاهڻ کان نٿو روڪي سگهي. بلاول ڀٽو جي الطاف حسين بابت بيان بعد ايم ڪيو ايم رابطه ڪميٽي جو لنڊن ۽ پاڪستان ۾ هنگامي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ حيدر عباس رضوي چيو ته الطاف حسين جو جيئڻ حرام ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙن جو پنهنجو جيئڻ حرام ٿي ويو آهي، بلاول ڀٽو کليل ڌمڪي ڏني آهي، آصف علي زرداري وضاحت ڪري، هوان معاملي کي سنڌ اسيمبلي توڙي قومي ۽ سينيٽ جي اجلاسن ۾ به اٿاريندا.

Author: editor

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *