چين سان مضبوط لاڳاپن تي سڀني پارٽين جو هڪ ئي موقف آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته چين سان مضبوط لاڳاپن تي سڀني پارٽين جو هڪ ئي موقف آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي چيني صدر جو خطاب اعزاز جي ڳالهه آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي مختصر خطاب ڪندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته هو چيني صدر ۽ سندس وفد کي پارليامينٽ ۾ آمد تي ڀليڪار چون ٿا. هن چيو ته چين سان مضبوط لاڳاپن جو بنيادي پيپلزپارٽي جي باني ۽ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀـُٽو وڌو، اهڙي  اليسي کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو به جاري رکيو. خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي گذريل حڪومتي دور ۾ به پنهنجي شهيد قاعدن جي پاليسين تي عمل ڪندي چين سان مضبوط لاڳاپن کي اڳتي وڌايو. اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ چيني ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، چيني سان لاڳاپن تي سڀني پارٽين جو هڪ ئي موقف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *