اسلام آباد (بيورو) چين جي صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي اعليٰ ترين سول اعزاز ”نشان پاڪستان“ سان نوازيو ويو. پارليامينٽ ۾ خطاب کانپوءِ چيني صدر کي شاهي سواري بگهي ذريعي ايوان صدر آندو ويو جتي وفدن جي سطح تي ملاقات پڻ ٿي. بعد ۾ چيني صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي اعليٰ ترين سول اعزاز ”نشان پاڪستان“ ڏيڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ سان ٿي ۽ ٻنهي ملڪن جي قومي ترانن جون ڌنيون وڄايون ويون. صدر ممنون حسين، چيني صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي اعليٰ ترين سول اعزاز نشان پاڪستان نوازيو. تقريب ۾ وزيراعظم نواز شريف، وفاقي وزير، جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو چيئرمين، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ ٻيون شخصيتون موجود هيون. ان کان اڳ چيني صدر شي جن پنگ جي مان ۾ صدر ممنون حسين ايوان صدر ۾ مانجهاندو ڏنو.