چين جي حمايت تي ٿورا، دنيا هڪ ٻي سرد جنگ برداشت نٿي ڪري سگهي: عمران خان

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا هڪ ٻي سرد جنگ کي نٿي برداشت ڪري سگهي، بين الاقوامي سياست ۾ ٽڪراءُ بدران سهڪار هجڻ گهرجي. چين جي ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽيز جي سربراهن ۽ نمائندن سان ملاقات ۾ عمران خان چيو ته پاڪستان ماضي ۾ به پل جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ ٻيهر ائين ڪرڻ لاءِ تيار آهي. عمران خان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي چين جي حمايت تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جو پهريون مرحلو بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ رابطي تي ٻڌل هو، ايندڙ مرحلي ۾ صنعتڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ سهڪار۽ زرعي تبديلي تي ڌيان ڏنو ويندو.، ٻئي طرف سرمائي اولمپڪس جي افتتاحي تقريب بيجنگ ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان به شريڪ ٿيو. وزيراعظم عمران خان سان سرمائي اولمپڪس جي افتتاحي تقريب ۾ وفاقي وزير به وزيراعظم سان گڏ شريڪ هئا. چيني صدر شي جن پنگ به تقريب ۾ موجود هو جڏهن ته تقريب ۾ روسي صدر پيوٽينسميت 20 کان وڌيڪ عالمي سربراهن شرڪت ڪئي. پاڪستاني جٿي جي اسٽيڊيم آمد تي شوقينن طرفان آجيان ڪئي وئي، پاڪستان جٿي ۾ هڪ ايٿليٽ ۽ پنج آفيشل شامل آهن. ھوڏانھن ڀارت چين ۾ اڄ کان شروع ٿيندڙ سرمائي اولمپڪس جي افتتاحي ۽ آخري تقريبن ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت سرحدي جهڙپن ۾ شريڪ چيني فوجي کي سرمائي اولمپڪس ۾ مشعل بردار بڻائڻ تي بائيڪاٽ ڪيو آهي. ڀارت جي پرڏيهي وزارت موجب ڀارت سرمائي اولمپڪس جي افتتاحي ۽ آخري تقريب ۾ شريڪ نه ٿيندو. ڀارتي ميڊيا موجب گلوان وادي ۾ جهڙپن ۾ شريڪ فوجي کي مشعل بردار بڻائڻ جو چيني قدم افسوس جوڳو آهي. واضح رهي ته بيجنگ سرمائي اولمپڪس ۾ ڀارت جو هڪ ايٿليٽ شرڪت ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *