چيني ڪمپنين سان 20 ارب ڊالرز کان وڌيڪ جا معاهدا ٿيندا: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين ۾ اقتصادي راهداري منصوبو تقدير بدلائي ڇڏيندو،  مٽياري کان لاهور ۽ فيصل آباد تائين ٽرانسميشن لائينز به وڇايون وينديون. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته چيني ڪمپنين سان 20 ارب ڊالرز کان وڌيڪ جا معاهدا ٿيندا، ٽن سالن ۾ 8 هزار 300ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ ايندي. هن چيو ته حڪومت، عوام سان جيڪي واعدا ڪيا آهن، انهن کي پورو ڪرڻ ۽ ملڪ مان اونڌاهي جو خاتمو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. خواجه آصف چيو ته چيني صدر جي موجودگي ۾ معاهدن جي مٽاسٽا ٿيندي، ٻنهي ملڪن معاشي شعبي ۾ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. خواجه آصف چيو ته اقتصادي راهداري منصوبو خطي جي ترقي لاءِ سٺو ثابت ٿيندو، جڏهن ته مٽياري کان فيصل آباد ۽ مٽياري کان لاهور تائين به ٽرانسميشن لائينز وڇايون وينديون. وفاقي وزير  خواجه آصف اهو به چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ٻين تي ڀاڙڻ جو وقت ختم ٿي ويو، پاڪستان کي هاڻي پاڻ ڀرو ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *