چيني قيادت پاڪستان جي خدشن کي پنهنجا خدشا قرار ڏئي ڇڏيو

بيجنگ (م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چين جي دوري دوران اعليٰ چيني قيادت سان ملاقاتون ڪيون جڏهن ته چيني اڳواڻن پاڪستان جي خدشن کي پنهنجا خدشا قرار ڏئي ڇڏيو آهي پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيئرمين پيپلز ڪانفرنس زو ينگشينگ سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران چيئرمين پيپلز ڪانفرنس جو چوڻ هو ته پاڪستان چين جو سڀ کان وڌيڪ پراعتماد دوست ملڪ آهي، پاڪستان جا خدشا اسان جا خدشا آهن چيني حڪومت ۽ عوام پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن ۽ هر سطح تي دوست ملڪ جي مدد ڪئي ويندي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيني قيادت طرفان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ تعاون تي شڪر جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ عالمي تعاون ضروري آهي، آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيني پرڏيهي وزير سان به ملاقات ڪئي جڏهن ته ملاقات دوران چيني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته چين لاءِ پاڪستان جو ڪوبه متبادل نه ٿو ٿي سگهي ۽ ٻنهي ملڪن جي منزل هڪ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *