چيف سليڪٽر کان سليڪشن ۾ غلطي ٿي وئي: پيپلز پارٽي

سکر ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته چيف سليڪٽر کان سليڪشن ۾ غلطي ٿي وئي آهي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته چيف سليڪٽر هاڻي پنهنجي سليڪشن تي سوچي رهيا هوندا، ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ناهي، ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران بيروزگار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته صدارتي نظام آڻڻو آهي ته آئين کي ختم ڪيو،  حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا گڏجي ويهڻ جي دعوت ڏني، وزيراعظم اڄ به ڪنٽينر تي چڙهيل آهي، پنجاب ۾ ٽي آءِ جيز جي تبديلي گوڊ گورننس جي نشاني آهي؟  خورشيد شاهه چيو ته سنڌ ۾ ترقياتي ڪم بند ٿي ويا آهن، ارڙهين ترميم ۾ اين ايف سي بابت ڳالهيون ٿيون آهن، ايف بي آر جا ٽارگيٽ پورا نه ٿي رهيا آهن،  اسان ٽارگيٽ کان وڌي 1945 بلين ٽيڪس اوڳاڙي ڪئي. هن چيو ته موجوده حڪومت سڀ کان وڌيڪ قرض ورتا، مخالف ڌر ڪڏهن نه چاهيندي ته امن خراب ٿي.  هن چيو ته  آءِ ايم ايف کان هر حڪومت قرض ورتو، عمران خان چيو هو ته آءِ ايم ايف وٽ ويو ته آپگهات ڪري ڇڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *