چيف جسٽس ٻين بدران پنهجي اداري کي ٺيڪ ڪري: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته چيف جسٽس ٻين کي بهتر ڪرڻ بدران پنهنجي اداري کي ٺيڪ ڪري، عدالتون انصاف نه هونديون آهن، حڪمراني لاءِ ناهن هونديون، عدالتن ۾ 8 لک ڪيس التوا هيٺ آهن، ان کي به گورننس چيو وڃي ٿو، عمران خان پاران استعيفائن جي اعلان کانپوءِ پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرن جون فوري استعيفيائون اچڻ گهرجن ها، رائو انوار قبائيلي نوجوان نقيب الله جي قتل جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي اڳيان پيش نه ٿيندو ته ان جي خلاف جوڊيشل انڪوائري ٿيندي، سومر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته چيف جسٽس ٻين کي بهتر ڪرڻ بدران پنهنجي اداري کي ٺيڪ ڪري، پوءِ ٻين کي به ٺيڪ ڪرڻ جي اجازت آهي، سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ وڌائي 35 ڪرڻ گهرجي، پنجاب هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 60 کان 80، جڏهن ته سنڌ ۾ 45 هئڻ گهرجي، سيد خورشيد شاهه پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان پاران استعيفيٰ جي اعلان کانپوءِ پي ٽي آءِ جا اسيمبلي ميمبر جلد استعيفائون ڏين ها، انهن استعيفائن جي ڳالهه سسٽم کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪئي پر اسان جمهوري پارٽي آهيون ان لاءِ سسٽم کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏينداسين. پي ٽي آءِ پارليامينٽ مان 11 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ پگهارون ۽ مراعتون ورتيون، عمران خان به 70 کان 80 لک رپيا ورتا آهن، هو واپس ڪري، استعيفائن تي پي ٽي آءِ جو ٻٽو معيار آهي، شهباز شريف پاران نيب اڳيان پيش نه ٿيڻ جي سوال تي هن چيو ته شهباز شريف پيش نه ٿيو ته نيب جو ادارو نه هلي سگهندو، قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو هئڻ گهرجي، ٻٽو معيار نه هئڻ گهرجي، قانون جا بکيا اڊيڙيا پيا وڃن، ادارا خاموشي سان ڏسي رهيا آهن، اهڙي طرح ته ادارا ختم ٿي ويندا، خورشيد شاهه رائو انوار کي پ پ جي پٺ ڀرائي هجڻ جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته آصف زرداري رائو انوار جي پٺ ڀرائي نه پيو ڪري، جيڪڏهن رائو انوار نقيب الله جي قتل جي جاچ ڪميٽي اڳيان پيش نه ٿيندو ته ان جي خلاف جوڊيشل انڪوائري ٿيندي، رائو انوار کي ڀڃڻ نه پر ڪيس کي منهن ڏيڻ گهرجي، بي گناهه ماڻهو شهيد ٿيو، انصاف ملڻ گهرجي، هن چيو ته رياست جي ڪمزوري سان افراتفري پکڙجي ٿي، پوءِ ته جيڪو ڏاڍو هوندو ان جو ئي راڄ هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *