چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي سان سارڪ اينٽي ڪرپشن ايجنسين جي سربراهن جي ملاقات

اسلام آباد (م.ڊ) چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جماليءَ چيو آهي ته ڪرپشن عام مسئلو بڻجي چڪي آهي ۽ ان جي ڪري معاشي ترقي مفلوج ٿي وئي آهي. چيف جسٽس سان سارڪ اينٽي ڪرپشن ايجنسين جي سربراهن ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ڪرپشن بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ڪرپشن عام مسئلو بڻجي چڪي آهي ۽ اها معاشي ترقيءَ کي مفلوج ڪري رهي آهي. هن چيو ته ٽين دنيا جي ملڪن کي ڪرپشن، مني لانڊرنگ جھڙن مسئلن سان منهن پيا ڏيون، اينٽي ڪرپشن سيمينار جي ڪري سارڪ ملڪن ۾ سهڪار وڌندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *