چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ هوائي فوج جي سربراهه جي وزير اعظم سان ملاقات

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف، اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن ضرب عضب ۾ هوائي فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ ايئرفورس اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، حڪومت هوائي فوج جون صلاحيتون وڌائڻ لاءِ هر  ممڪن وسيلا فراهم  ڪندي. وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان هوائي فوج جي سربراهه طاهر رفيق بٽ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران هوائي فوج جي پيشوراڻي معاملن، دهشتگردن خلاف جاري آپريشن ضرب عضب ۽ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف، دهشتگردي خلاف جنگ  هوائي فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جوڙيل قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ هوائي فوج اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته حڪومت ايئرفورس جا وسيلا وڌائڻ لاءِ هر ممڪن وسيلا ۽ فنڊ فراهم ڪندا. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف سان چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان جي ملاقات ٿي آهي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان وزيراعظم نواز شريف کي چونڊ سڌارن ۽ اليڪشن ڪميشن جي معاملن تي بريفنگ ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *