چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ وزيراعظم ۽ خورشيد شاهه وچ ۾ پهرين باضابطا مشاورت

اسلام آباد (بيورو) چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ وزيراعظم نواز شريف ۽ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وچ ۾ پهرين باضاب ا مشاورت، خورشيد شاهه وزيراعظم سان ملاقات ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي منصب لاءِ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي، جسٽس (ر) ڀگوان داس ۽ اڳوڻي سينئر جج ميان اجمل تي ٻڌل 3 نالا پيش ڪري ڇڏيا، وزيراعظم جسٽس (ر) ميان اجمل جو نالو رد ڪري ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ ان کان علاوه اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني، جسٽس (ر) طارق پرويز ۽ جسٽس ناصر اسلم ذاهد جا نالا به سامهون اچي ويا، تحريڪ انصاف جسٽس ناصر اسلم ذاهد کي نئون چيف اليڪشن ڪمشنر بڻائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، مخالف ڌُر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته هو ان منصب تي متفقه نالو سامهون آڻڻ لاءِ تحريڪ انصاف سميت ٻين مخالف پارٽين سان به مشاورت ڪندو. وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وچ ۾ مستقل چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري تي مشاورت لاءِ پهرين باضابطا ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ حڪومت ۽ آپوزيشن وچ ۾ اتفاق راءِ سان ڪنهن غيرجانبدار ۽ شفاف ڪردار واري شخصيت جو نالو سامهون آڻڻ گهرجي. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته هو آپوزيشن پارٽين جي مشاورت سان حتمي نالو فائنل ڪندو ۽ ان حوالي سان جلد جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪري ان جي راءِ وٺندو. هن چيو ته هو نٿو چاهي ته چيف اليڪشن ڪميشن جي مقرري پهرين ڏينهن ئي تڪراري ٿي وڃي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم حڪومت سان گڏ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ان لاءِ ان سان حڪومت پاڻ ئي مشاورت ڪندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن وچ ۾ مشاورت لاءِ ان حوالي سان حتمي نالو سامهون اچي ويندو. خورشيد شاهه چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جي حوالي سان حڪومت سان مشاورت جاري آهي ۽ ايندڙ 3 ڏينهن ۾ نالو فائنل ڪري وزيراعظم کي پيش ڪري ڇڏيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *