چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري تي مشاورت ۾ دير جي ذميدار حڪومت هوندي: خورشيد شاهه

اسلام آباد، سکر (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ وزيراعظم نواز شريف اڃا تائين ڪو رابطو ناهي ڪيو، مقرري تي مشاورت ۾ دير جي ذميدار حڪومت آهي، مشاورت لاءِ تحريڪ انصاف سان رابطو ڪندس، ايم ڪيو ايم کي متفق ڪرڻ حڪومت جي ذميداري آهي. ميڊيا سان نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته 9 نومبر تي هو ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو آهي، 4 2 نومبر تي واپسي ٿيندي، ان حوالي سان سينيٽر اسحاق ڊار کي آگاهه ڪيو ويو آهي. سيد خورشيد شاهه چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ تحريڪ انصاف سان مشاورت ڪئي ويندي پرپوءِ ايم ڪيو ايم کي متفق ڪرڻ حڪومت جي ذميداري آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف مذاڪرات ڪري ته تمام معاملن تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي مدت چار سال ڪرڻ ۾ اسان جي حمايت ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *