چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري: اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ چيئرمين جي مشاورت، 3 1 رڪني ڪميٽي قائم

اسلام آباد (بيورو) چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين نيئر بخاري سان مشاورت بعد 3 1 رڪني پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي، ڪميٽي جو نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ اجلاس (اڄ) خميس ڏينهن 1 1 وڳي ڪميٽي چيئرمين سينيٽر رفيق رجوانه جي سربراهي ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو جنهن ۾ وزيراعظم ۽ مخالف ڌُر جي اڳواڻ طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ موڪليل ٽن نالن جسٽس (ر) رضا احمد خان، جسٽس(ر) طارق پرويز ۽ جسٽس (ر) تنوير احمد خان مان هڪ جي منظوري ڏني ويندي. تفصيل موجب پارلياماني ڪميٽي ۾ سينيٽر رفيق رجوانه چيئرمين ن ليگ، سينيٽر سردار يعقوب ناصر ن ليگ، سينيٽر اسلام الدين شيخ پيپلزپارٽي، سينيٽر حاجي محمد عديل اي اين پي، قومي اسيمبلي ميمبر ارشد لغاري ن ليگ، ڊاڪٽر درشن ن ليگ، جنيد چوڌري ن ليگ، ڪيپٽن (ر) محمد صفدر ن ليگ، شازيه مري پيپلزپارٽي، اياز سومرو پيپلزپارٽي، ڊاڪٽر فاروق ستار ايم ڪيو ايم ۽ شهريار آفريدي پاڪستان تحريڪ انصاف شامل آهن. ڪميٽي جي قيام جو نوٽيفڪيشن اسيمبلي سيڪريٽريٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسپيڪر کي موڪليل خط جي ڪاپي به ڪميٽي جي چيئرمين رفيق رجوانه کي ملتان ۾ فيڪس ڪئي وئي آهي ۽ ڪميٽي جي تمام ميمبرن کي سڀاڻي صبح 1 1 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شاهه محمود قريشي عمران خان سان مشاورت بعد شهريار آفريدي کي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *